SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رومانوي تحريڪ


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

رومانوي تحريڪ

(Romantic Movement)

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ رومانوي ادب آڳاٽو اھي، پر اھو سنڌي ڪلاسيڪل ادب جي خلاف بغاوت جو نتيجو نه اھي. جديد مفهوم ۾ رومانويت جا اهم عنصر: جذبو، تخيل، حسن ۽ سچ، سنڌي شاعريءَ جا به اهم جزا آهن. يورپ ۾ رومانوي تحريڪ جي شروعات کرانسيسي اديب جان جيڪسن روسو کان ٿئي ٿي، پر ھن تحريڪ کي اکتي وڌائڻ ۾ انگريز شاعرن وليم ورڊس ورٿ (1770-1850ع) ۽ سيموئل ٽيلر ڪالرج (1772- 1834ع) جو وڏو ھٿ ھو. سندن شعر جو مجموعو ”Lyrical Ballads“ 1798ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو نيو انگريزي ڪلاسيڪي ادب خلاف بغاوت ھو. جنهن ۾ هن ان دَور ۾ ڪلاسيڪل روايتن جي سخت پابندي ڪرڻ واري لاڙي: ’نئين ڪلاسيڪيت‘ جي خلاف بغاوت ڪندي ادب ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ خيال جي ڀيٽ ۾ جذبي کي اهميت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. سنڌيءَ ۾ هن تحريڪ کي تنوير عباسيءَ ترجمي ذريعي متعارف ڪرايو. هن عنوان سان Preface to Lyrical Ballads کي ”سريلن گيتن جو مهاڳ“ ترجمو ڪيو.. 18صدي جي عقليت پسندي ۽ ڪلاسيڪي ضابطن جي سخت گيريءَ جي خلاف انساني جذبن ۽ احساسن جي حق ۾ هڪ ردعمل شروع ٿيو، جنهن رومانويت جي لاڙي کي جنم ڏنو، جنهن ۾ شاعريءَ جي عنصرن ۾ خيال بدران جذبي ۽ تخيل کي اهميت ملي، ڏکي مصنوعي ٻوليءَ بدران عوام جي ٻولي کي ترجيح ڏني وئي. ھيءَ تحريڪ تمام تيزيءَ سان وڌي ۽ ڪيترائي شاعر ۽ اکسانوي اديب ھن تحريڪ کان متاثر ٿيا. ڌرتيءَ سان محبت بھ رومانوي تحريڪ جو حصو اھي. موجوده دور ۾ بھ ھي رجحان سنڌي ادب تي ڇانيل اھي. سنڌي افسانوي ادب ۽ شاعري ۾ موھن ڪلپنا، گوبند مالھي، ڪرشن کٽواڻي، سندري اتمچنداڻي، شيخ اياز، امر جليل، علي بابا، اغا سليم، قاضي خادم، طارق عالم ابڙو، اڪاش انصاري، اياز گل ۽ نور الھديٰ شاھھ نمائنده رومانوي ليکڪ اھن.


Remember Me Also:

پير اکڙڻ

بي دخل ٿيڻ. شڪست کائڻ. ڀَڄڻ نه رهڻ. بنياد پٽَجڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal